

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو اڳوڻو خاص مددگار عرفان صديقي کي ڪرائي داري ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو .
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته عرفان صديقي کي ڪرائي داري ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي گرفتار ڪيو ويو آهي، عرفان صديقي بنا اطلاع جي گهر ڀاڙي ڏنو هو . کيس ڪرائي داري ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪري اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ عرفان صديقي سان گڏ اقبال نالي همراهه کي به گرفتار ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب عرفان صديقي کي گرفتار ڪري سيڪشن 188 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
The post اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جو خاص مددگار گرفتار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment