

مانسهره ( ويب ڊيسڪ ) شاهراهه ڪاغان تي لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ ڍيرن هيٺيان دٻجي زال ۽ مڙس فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترئي سياح ڦاسي پيا آهن. امدادي ذريعن موجب مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان دٻجي فوت ٿيل زال مڙس جو تعلق ليه سان آهي جن جي لاشن کي اباڻن علائقن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر مانسهره موجب گذريل ڏينهن وڄ ڪرڻ سبب 8 هنڌن تي خطرناڪ لينڊ سلائينڊنگ ٿي جنهن سبب شاهراهه ڪاغان کي بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته روڊ کولڻ ۾ چئن کان پنجن ڪلاڪن جو وقت لڳي سگهي ٿو پر سياح به لينڊ سلائينڊنگ سبب ڦاسي پيا آهن. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته خراب موسم سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي پر ڳري مشينري سبب پهاڙي ٽڪڙڻ کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سياح بابو سرٽاپ کان چلاس، ڪوهستان مان واپس وڃي سگهن ٿا. ٽورازم پروموشن ايسوسيئيشن آف ڪاغان جي چيئرمين مطيع الله خان چيو ته سمورا مسافر محفوظ آهن ۽ رستي ۾ موجود هوٽلز مسافرن جي خدمت ۾ مصروف آهن. ڪاغان وادي جي علائقي بڙوائي جل کڏ روڊ جي صفائي جو ڪم اين ايڇ اي جي هيوي مشينري ذريعي جاري آهي ۽ ڪجهه ڪلاڪن ۾ روڊ کوليو ويندو.
The post شاهراهه ڪاغان تي لينڊ سلائينڊنگ سبب زال ۽ مڙس فوت، ڪيترائي سياح ڦاٿل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment