اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي جيل کان اسپتال منتقلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ 22 آڪٽوبر تائين عدالتي رمانڊ تي آهي پر هن 4 آڪٽوبر تي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي ته سندس لاءِ اسپتال کي سب جيل قرار ڏنو وڃي پر عدالت درخواست اهو چئي رد ڪري ڇڏي ته اهو معاملو عدالتي اختيارن جي دائري ۾ نٿو اچي.
گڏوگڏ جج محمد بشير محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي آصف زرداري کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري.
هي به پڙهي سگهو ٿا: بلاول ڀٽو زرداري حڪومت جي خاتمي لاءِ سندرو ٻڌي ورتو
عدالت پنهنجي ٽن صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ته اسپتال کي سب جيل قرار نٿو ڏئي سگهجي، جيل انتظاميا ايگزيڪيوٽو آرڊر ذريعي اسپتال کي سب جيل قرار ڏئي سگهي ٿي، تنهن ڪري درخواست گذار کي اها تجويز ڏني ٿي وڃي ته هو پنهنجي درخواست سان گڏ جيل انتظاميا سان رابطو ڪري.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ جيل سپرنٽينڊنٽ کي حڪم ڏنو ته هو ميڊيڪل آفيسرن يا ميڊيڪل بورڊ جي سفارشن جي روشني ۾ عمل ڪري.
هوڏانهن احتساب عدالت جي فيصلي تي بلاول ۽ بختاور ڀٽو زرداري سخت ردعمل ڏنو آهي.
پ پ چيئرمين ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته رياست منهنجي پيءُ جي خراب طبعيت جو استعمال ڪندي منهنجي پارٽي تي دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش جاري رکيو پئي اچي، آگسٽ کان ڪنهن به شئي ۾ ڏوهي قرار ڏيڻ کانسواءِ منهنجو پيءُ قيد ۾ آهي، هاڻ کيس طبي علاج جي ضرورت آهي.
هن چيو ته حڪومت پنهنجي ڊاڪٽرن طرفان ڪيتريون ئي طبي رپورٽون ڏنيون ته آصف زرداري کي جيل ۾ طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو وڃي پر ان کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو پيو وڃي.
اڳوڻي صدر جي نياڻي بختاور پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته آصف زرداري کي آگسٽ ۾ راتو رات جيل کان اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ هاڻ آڪٽوبر! ۾ دل جي مريض کي زندگي جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪيو پيو وڃي.
اگر خدانخواستہ میرے والد کو کچھ ہوا تو میں اس حکومت کو ذمہ دار سمجھوں گا، بلاول بھٹو
ان تمام اوچھے حکومتی ہتھکنڈوں کے باوجود ہم اپنے اصول اور جمہوری جدوجہد پر سمجھوتہ نہیں کریں گے، بلاول بھٹو
— PPP (@MediaCellPPP) October 15, 2019
The post آصف زرداري جي اسپتال منتقلي جي درخواست رد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment