پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هيءَ جمهوري حڪومت نه پر ڪٺ پتلي آهي، اصل حڪومت ته اسٽيبلشمينٽ ڪري رهي آهي.
پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان انتهاپسند ناهيون، جيڪڏهن اسان انتهاپسند هجون ها ته طالبان جي مخالفت نه ڪيون ها، اسان هٿيار کڻڻ ۽ آپگهاتي حملن جي مخالفت ڪئي.
هن چيو ته 27 آڪٽوبر تي ڪشميري عوام سان يڪجهتي طور ڏينهن ملهائيندي قافلا نڪرندا ۽ 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا، حڪمران اسان جي رضاڪارن جي ڏنڊن کان ڊنل ڇو آهن؟ حڪمران بسون روڪيندا ته گهوڙن، سائيڪلن، ٻيڙين تي ۽ پنڌ به اينداسين، ڀلي ٻه مهينا انتظار ڇو نه ڪرڻو پئي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جي مهم هلي رهي آهي، عالمي سطح تي گريٽ گيم جاري آهي ۽ آمريڪا نئين جاگرافيائي ورهاست ڪرڻ چاهي ٿو، پوڙها رٽائرڊ جنرل ڪشمير حاصل ڪرڻ جو طريقو ٻڌائڻ بدران اسرائيل تسليم ڪرڻ تي دليل پيا ڏين، اها رٽائرڊ جنرل پنهنجي حدن ۾ رهن، اسان کي سياست ڪرڻ نه سيکارين.
جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه چيو ته هيءَ جمهوري نه پر ڪٺ پتلي حڪومت آهي، اصل حڪومت تي اسٽيبلشمينٽ ڪري رهي آهي، جعلي حڪومت خلاف سڄي اپوزيشن گڏ آهي، وزيراعظم هاڻ سليڪٽڊ نه رجيڪٽڊ آهي.
مولانا فضل الرحمان جو وڌيڪ چوڻ هو جڏهن آئين تي ڌاڙو لڳي ته اسان ڪيئن ٿا چُپ رهي سگهون، قرآن ۽ سنت موجب ئي پاڪستان ۾ قانون ٺهندا.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت گذريل ڏينهن جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو هو.
وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪميٽي جي سربراهي بچاءَ واري وزير پرويز خٽڪ حوالي ڪئي وئي، جنهن کي آزادي مارچ روڪڻ لاءِ ڳالهين جو ٽاسڪ ڏنو ويو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي وزيراعظم عمران خان جي استعيفيٰ کان اڳ حڪومت سان ڳالهيون نه ٿينديون.
حکومتی اراکین ہمارے رضاکاروں سے بھی خوف زرہ ہوچکے
انصارالاسلام جمعیۃ علماءاسلام کا رجسٹرڈ شعبہ ہے جو انتظامیہ کے اشتراک سے ہمیشہ جلسوں اور اجتماعات کے انتظامات کو سنبھالتا چلا آرہا ہے، ماضی میں بھی ان رضاکاروں کی خدمات سب کے سامنے ہیں۔#AzadiMarch27October #شیردل_انصارالاسلام pic.twitter.com/iqUsD7Idxp— Maulana Fazl-ur-Rehman (@MoulanaOfficial) October 16, 2019
The post اصل حڪومت ته اسٽيبلشمينٽ ڪري رهي آهي: فضل الرحمان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment