هوا کي جراثيمن کان پاڪ ڪندڙ گريفين فلٽر - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 17, 2019

هوا کي جراثيمن کان پاڪ ڪندڙ گريفين فلٽر


گريفين

ٽيڪساس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن گريفين استعمال ڪندي هڪ اهڙو ايئر فلٽر ايجاد ڪري ورتو آهي جيڪو هوا ۾ موجود جراثيمن کي نه رڳو پڪڙي ٿو پر گڏوگڏ انهن کي ماري به ڇڏي ٿو.

رڳو اهو ئي نه پر اهو فلٽر هوا ۾ اڏامندڙ ڪيترن ئي صحت کي نقصان پهچائيندڙ مادن کي به ڪمزور ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو.

رائيس يونيورسٽي، ٽيڪساس ۾ ايجاد ڪيل ان فلٽر کي تيار ڪرڻ ۾ جديد ترين “ليز رانڊيوسڊ گريفين” جو استعمال ڪيو ويو آهي. اهو فلٽر جراثيمن ۽ وائرس کان سواءِ اهڙن ڪيميائي مادن جي سنهڙن ذرڙن کي روڪي ٿو جيڪي انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:

اهو فلٽر گھٽ بجلي گذارڻ تي به گھڻي تيزي سان 350 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گرم ٿي وڃي ٿو ۽ بجلي ڪاٽڻ تي ٿوري ئي دير ۾ ٿڌو ٿي وڃي ٿو. ان کي هڪ منٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا گرم ڪري ان فلٽر ۾ ڦاٿل جراثيمن کي ماري سگھجي ٿو جڏهن ته صحت کي نقصان رسائيندڙ مادن کي به ٽوڙي بي ضر ڪري سگھجي ٿو.

شروعاتي تجربن ۾ ان ايل آءِ جي فلٽر کي هڪ ڪمرشل ويڪيوم ايئر فلٽريشن سسٽم ۾ (فلٽر جي جاءِ) کي اڌ ڪري آزمايو ويو. هوا کي ڇڪي صاف ڪندڙ اهو روايتي نظام هڪ منٽ ۾ 10 ليٽرن تائين هوا ڇڪڻ  فلٽر ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.

هي به پڙهي سگھو ٿا: گوگل اسسٽنٽ سان ليس نوان پڪسل ايئرفون…!

90 ڪلاڪن تائين لاڳيتو جاري رهندڙ ان تجربي ۾ ايل آءِ جي فلٽر جراثيمن، وائرسن ۽ بيمار ڪندڙ مادن کي تباهه ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن جي خاتمي ذريعي ٺهندڙ ٻين هاڃيڪار مادن (باءِ پروڊڪٽس) تائين کي ختم ڪري ڇڏيو.

ان کي تيار ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته هو ايل آءِ جي فلٽر تي ٻڌل، اهڙن ايئر فلٽريشن سسٽمز تي ڪم ڪندا جيڪا اسپتالن ۾ هوا کي جراثيمن کان پاڪ رکڻ جو ڪم بهتر نموني سان ڪري سگھندا، جڏهن انهن کي موجودهه ايئر فلٽريشن سسٽمز جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ توانائي گھربل هوندي.

The post هوا کي جراثيمن کان پاڪ ڪندڙ گريفين فلٽر appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages