

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ جي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته آزادي مارچ 27 نه پر 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندو، 31 آڪٽوبر کان اڳ ڪو جلوس اسلام آباد ۾ داخل نه ٿيندو.
هن چيو ته 27 آڪٽوبر تي جلوس ڪشميرين سان يڪجهتي لاءِ ڪڍيا ويندا، جڏهن ته 27 آڪٽوبر کانپوءِ سمورا جلوس 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ داخل ٿيندا.
سندس چوڻ هو ته 27 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي طور ڪارو ڏينهن ملهائينداسين، ان ڏينهن ريليون ڪڍيون وينديون، ڪاري ڏينهن کانپوءِ ڪارڪن اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪندا.
هي به پڙهي سگهو ٿا: آزادي مارچ جي اجازت ڏيو: جي يو آءِ (ف) جي اسلام آباد انتظاميا کي درخواست
مولانا فضل الرحمان ٻڌايو ته ڏورانهن علائقن کان ڪارڪن 27 آڪٽوبر تي ئي اسلام آباد جو رُخ ڪندا، جڏهن ته ويجهن علائقن جا ڪارڪن ڪارو ملهائي واپس هليا ويندا، جنهن کانپوءِ اهي ٻيهر 31 آڪٽوبر تي اسلام آباد پهچندا.
جي يو آءِ (ف) جي سربراهه جو چوڻ هو ته حڪومت رڳو ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اها حڪومت نه اسان سان وڙهي سگهي ٿي ۽ نه ڀارت سان، اسان هر صوبي مان 10 هزار رضاڪار آڻينداسين.
واضح رهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڪجهه ڏينهن اڳ اعلان ڪندي چيو هو ته حڪومت مخالف ”آزادي مارچ“ 27 آڪٽوبر کان شروع ڪنداسين.
مولانا فضل الرحمان پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو هو ته سموريون اپوزيشن جماعتون ان ڳالهه تي متفق آهن ته موجوده حڪومت جعلي اليڪشن جي نتيجن جي جعلي حڪومت آهي ۽ سڀني 25 جولاءِ 2018 جي چونڊن کي رد ڪندي نئين سر شفاف چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي معيشت ٻڏي وئي آهي، مهانگائي عام ماڻهو جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪاروباري طبقي ڳرن ٽيڪسن سبب پنهنجا ڪاروبار بند ڪري ڇڏيا آهن، 27 آڪٽوبر تي اسان ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين ۽ يڪجهتي جي مظاهري سان گڏ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين، جنهن ۾ سڄي ملڪ کان ايندڙ قافلا هلندا ۽ اسلام آباد پهچي حڪومت کي گهر موڪليندا.
آزادی مارچ جعلی حکومت کے خلاف ہے ہم کسی ادارے سے تصادم نہیں چاہتے، وزیراعلی محمود خان آزادی مارچ والے دن گھر سے باہر نہ نکلیں،مولانا عبدالغفور حیدری#AzadiMarch27October @MaulanaHaideri pic.twitter.com/KMyvUXuMo6
— Jamiat Ulama-e-Islam Pakistan (@juipakofficial) October 9, 2019
The post مولانا فضل الرحمان آزادي مارچ تي يوٽرن وٺي ڇڏيو…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment