

لاهور (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا مايا علي والدين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي ٻارن کي مرضيءَ موجب ڪيريئر چونڊڻ ڏين.
هڪ انٽرويو ۾ مايا علي جو چوڻ هو ته هاڻ وقت تبديل ٿي ويو آهي، والدين پنهنجي ٻارن کي هڪ موقعو ڏين ته جيئن اهي به پنهنجي خوشي سان پنهنجي ڪيريئر جي چونڊ ڪري سگهن.
سندس چوڻ هو ته جڏهن مان شوبز انڊسٽري ۾ آيس ته 8 ورهين تائين پيءُ مون سان نه ڳالهايو، پوءِ مون کي ”ديارِ دل“ تي ايوارڊ نه مليو ته بابا چيو ڪا ڳالهه ناهي، توکي ايندڙ سال ”من مائل“ تي ضرور ايوارڊ ملندو ۽ منهنجي والد جي دعا رنگ لاتو جو مون کي ”من مائل“ تي ايوارڊ مليو.
هن چيو ته ايوارڊ کٽڻ وقت والد هن دنيا ۾ نه هو ۽ مان پنهنجي خوشي ان سان گڏ نه ملهائي سگهيس، تنهن ڪري مان چاهيان ٿي ته والدين پنهنجي ٻارن کي هڪ موقعو ضرور ڏين ته جيئن توهان انهن جي خوشي ۾ خوش ٿي سگهو.
واضح رهي ته مايا علي اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ”پري هٽ لو“ جي تيارين ۾ مصروف آهي، جيڪا عيدلاضحيٰ تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.
The post مايا علي جي وڏن کي درخواست… appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment