آرمي چيف سان اومان جي چيف آف اسٽاف جي ملاقات - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, October 15, 2019

آرمي چيف سان اومان جي چيف آف اسٽاف جي ملاقات


 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان اومان جي هٿياربند فوجن جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل احمد ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل هيڊ ڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اومان جي چيف آف اسٽاف پاڪستان جي دهشتگردي خلاف جنگ ۽ امن امان لاءِ ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.

ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي اومان جي چيف آف اسٽاف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته هن شهيدن جي يادگار تي پڻ حاضري ڀري.

The post آرمي چيف سان اومان جي چيف آف اسٽاف جي ملاقات appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages