”ڀارت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪرڻ گهرجي“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 17, 2019

”ڀارت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪرڻ گهرجي“


قومن

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڀارت کي والاريل ڪشمير بابت فيصلي کانپوءِ واپسي جو رستو نه پيو ملي.

پرڏيهي آفيس ۾ هفتي وار بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر فيصل چيو ته ڀارتي حڪومت 5 آگسٽ جي قدم سان ڀارت کي بند گهٽيءَ ۾ وٺي وئي، جتان هاڻ ان کي واپسي جو رستو نه پيو ملي، ڀارت جي چيلهه ڀت سان لڳي وئي آهي ۽ هاڻ هو اڪيلائيءَ جو شڪار آهي، ان کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ٻاهر ڪيئن نڪري.

هن چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي حڪومت جارحاڻا عزم ظاهر ڪري چڪي آهي پر پاڪستان ڪنهن به ٻاهرين جارحيت جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، مودي طرفان پاڻي بند ڪرڻ وارو چڙ ڏياريندڙ بيان مذمت جوڳو آهي، درياهن کي پاڻي کي وهڪري جي معاهدي موجب جاري رهڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ اقليتن کي انهن جا حق ملڻ گهرجن ۽ بابري مسجد حساس معاملو آهي، اميد ته ڀارتي مسلمانن جي خواهشن موجب فيصلو ايندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي ترجمان چيو ته ايف اي ٽي ايف تي تبصرو نٿو ڪرڻ چاهيان، ان معاملي تي ناڻي واري وزارت بهتر ڳالهائي سگهي ٿي.

The post ”ڀارت کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪرڻ گهرجي“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages