ٻار سان زيادتي ۽ قتل جي جوابدار کي اذيتناڪ سزا - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 17, 2019

ٻار سان زيادتي ۽ قتل جي جوابدار کي اذيتناڪ سزا


لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن عدالت 7 سالن جي  ٻارڙي کي زيادتي بعد قتل ڪندڙ شخص کي 2 ڀيرا موت جي سزا، هڪ ڀيرو عمر قيد ۽ 7 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

خيال رهي ته جوابدار بسم ناظم کي سال 2017ع ۾ 7 سالن جي ٻار سان زيادتي ۽ قتل جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هو گذريل 2 سالن کان لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد هو.

پوليس جوابدارن کي ٻه سالن اڳ واقعي واري جاءِ تان گرفتار ڪيو هو ۽ شيرا ڪوٽ پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ان معاملي تي جڏهن اڄ عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي ته سرڪاري وڪيل پنهنجي دليل ۾ چيو ته جوابدار 7 سالن جي ٻارڙي کي ريپ جو نشاو بڻايو، جوابدار جي خلاف ثبوت ۽ شاهدين کي عدالتن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

بعد ۾ دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ايڊيشنل سيشن سجاول خان جوابدار کي 2 ڀيرا موت جي سزا، هڪ ڀيرو عمر قيد ۽ 7 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

واضح رهي ته ٻارن جي حقن جي لاءِ  ڪم ڪندڙن تنيظيم ساحل گذريل مهيني سيپٽمبر ۾ هڪ رپورٽ جاري ڪئي هئي، جنهن موجب پاڪستان ۾ روزاني گهٽ ۾ گهٽ 7 ٻار زيادتي جو نشانو بڻيا.

ان رپورٽ ۾ اِهو به سامهون آيو هو ته ملڪ جي خابرو ذريعن جي ذريعي هلندڙ سال جنوري کان جون تائين ٻارن جي جنسي استحصال جا هڪ هزار 304 ڪيس رپورٽ ٿيا.

The post ٻار سان زيادتي ۽ قتل جي جوابدار کي اذيتناڪ سزا appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages