اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سينيٽر مشاهد الله خان دعويٰ ڪئي آهي ته عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد کي سفارش تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته سينيٽ جي بين الصوبائي رابطن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ناتجربي ڪار سريلنڪن ٽيم خلاف قومي ٽيم جي خراب ڪارڪردگي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيئرمين احسان ماني کي طلب ڪري ورتو.
ڪميٽي جو اجلاس سردار محمد يعقوب ناصر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن سريلنڪا هٿان پاڪستان جي شڪست تي سوال اٿاريا.
تحريڪ انصاف جي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان هوم گرائونڊ تي ڇو هارائي وياسين؟ ٻڌايو وڃي ٽيم جي شڪست جا سبب ڪهڙا آهن؟
هي به پڙهي سگهو ٿا: آصف جي محنت زيان، شهزاد اڪيلي سر ٽيم کي ڪاميابي ڏياري ڇڏي
هن مصباح الحق کي ٻٽي ذميواري ڏيڻ تي به خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ شخص کي سليڪٽر ۽ ڪوچ بڻايو ويو آهي، جنهن جو ڪو جواز نظر نه پيو اچي، قومي ٽيم هوم گرائونڊ تي شرمناڪ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، اسان جي ٽيم ٽي ٽوئنٽي ۾ نمبر ون هئي پر اوچتو رانديگرن کي تبديل ڇو ڪيو ويو؟
سندس چوڻ هو ته قومي ٽيم جي شڪست جي ڳالهه هضم نه پئي ٿئي، هاڻ آسٽريليا جو اهم دورو اچڻ وارو آهي، تنهن ڪري دوري کان اڳ سڀني شين کي ڏسڻ گهرجي.
ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود پي سي بي اختيارين جواب ڏنو ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ شعيب ملڪ جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي، تنهن ڪري کيس شامل نه ڪيو ويو، جڏهن ته سي پي ايل کيڏڻ ۾ به مصروف هو.
ڪميٽي چيئرمين سردار يعقوب ناصر به ٽيم جي ڪارڪردگي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان کيڏون ها ته اسان به کٽي وڃون ها.
ن ليگ سينيٽر مشاهد الله خان اجلاس ۾ پي سي بي چيئرمين جي غير موجودگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته احسان ڪميٽي اجلاس ۾ شريڪ ناهي ٿيو، کيس هر اجلاس ۾ شرڪت جو پابند بڻايو وڃي.
هن چيو ته سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ٻن سفارشي رانديگرن کي کيڏايو ويو، عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد اوچتو ڪيئن ظاهر ٿي پيا؟
مشاهد الله خان دعويٰ ڪئي ته عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد کي سفارش تي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ هيڊ ڪوچ تي دٻاءُ وجهي کانئس زبردستي ٽيم ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪرايو ويو.
ڪميٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي ايندڙ اجلاس تي پي سي بي چيئرمين کي طلب ڪري ورتو.
Sri Lanka brings back the smiles: 3-nil T20 clean sweep of Pakistan – https://t.co/xwoHkkFUBb #PAKvSL
— Sri Lanka Cricket (@OfficialSLC) October 10, 2019
The post احمد شهزاد ۽ عمر اڪمل کي سفارش تي کنيو ويو…! سينيٽر جي دعويٰ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment