لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت قصور جي تحصيل چونيان ۾ مبينا طور تي چار ٻارن کي زيادتي کان پوءِ قتل ڪندڙ سيريل ڪلر سهيل شهزاد جي جسماني ريمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.
سهيل شهزاد کي 2 آڪٽوبر تي 15 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيو هو جنهن کي اڄ دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
جج عبدالقيوم خان ڪيس جي ٻڌڻي دوران جوابدار کان پڇاڻو ڪيو ته حراست دوران ڇا هن تي تشد ڪيو ويو.
جوابدار سهيل شهزاد جواب ڏيندي چيو ته هن کي ڪنهن به ناهي ماريو ۽ ٻيهر گذارش آهي ته اڳتي به نه ماريو وڃي.
جج طرفان جوابدار جو ميڊِڪل ڪرائڻ بابت پڇاڻي تي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار جو انهيءَ ڏينهن ميڊيڪل ڪرايو هو.
هي به پڙهي سگهو ٿا:چونيان واقعي جو جوابدار جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي
هن عدالت کي ٻڌايو ته ٻين ٻن ڪيسن ۾ به جوابدار جو ڊي اين اي مقتول ٻارن سان ميچ ٿي ويو آهي.
سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته ٻين ٻن ڪيسن ۾ به جوابدار جي خلاف شاهديون موجود آهن جيڪي جلد عدالت ۾ پيش ڪيون وينديون.
ٻڌڻي دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل عبدالرئوف وٽو عدالت ۾ دليل ڏنا جڏهن ته پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي رپورٽ به پيش ڪئي وئي.
پوليس اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار جا واقعي واري هنڌ استعمال ٿيل جوتا هٿ ڪيا ويا آحن پر رڪشي جا ٽائر هٿ ڪرڻ اڃا باقي آهي.
سرڪاري وڪيل عدالت کان جوابدار جو 30 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪرڻ جي اپيل ڪئي پر عدالت وڌيڪ 14 ڏينهن جو ريمانڊ منظور ڪيو.
ياد رهي ته گذريل ٻڌڻي دوران جاچ آفيس عدالت کي ٻڌايو هو ته جوابدار کي 4 مان هڪ ٻار جي قتل ۽ جنسي استحصال جي خلاف داخل ايف آءِ آر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻين 3 ٻارن بابت داخل ڪيسن ۾ گڏيل جاچ ٽيم طرفان جاچ جاري آهي.
ملتان ،شجاع آباد میں چار افراد کے قتل میں ملوث ملزم گرفتار pic.twitter.com/xLVGKvvaPl
— Punjab Police Official (@OFFICIALDPRPP) October 16, 2019
The post چونيان واقعي جي جوابدار جي جسماني ريمانڊ ۾ واڌ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment