تنقيد باوجود فواد چوڌري عوام کي نوڪريون نه ڏيڻ جي موقف تي قائم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 16, 2019

تنقيد باوجود فواد چوڌري عوام کي نوڪريون نه ڏيڻ جي موقف تي قائم


فواد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي هڪ ڪروڙ نوڪرين جي واعدي جو اهو مطلب ناهي ته هڪ ڪروڙ سرڪاري نوڪريون فراهم ڪيون وينديون، پاڪستان جي بهتري لاءِ نجي شعبي تي ڀاڙڻو پوندو.

فواد چوڌري گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ انجنيئرنگ ادارن جي ٻي ڊينز انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ خطاب دوران عوام کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته روزگار لاءِ حڪومت ڏانهن نه ڏسو، حڪومت عوام کي روزگار فراهم نٿي ڪري سگهي پر توهان کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته حڪومت 4 سئو کاتن کي بند ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: فواد جي بيان عمران جي پاليسي پڌري ڪري ڇڏي…..!

سندس چوڻ هو ته پاڪستان يا دنيا جي ٻين ملڪن جو حڪومتون ڪمزور ٿي رهيون آهن، اهو ڏاڍو ضروري آهي ته عوام کي ٻڌايو وڃي ته حڪومت روزگار فراهم نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن اسان روزگار ڏيڻ ۾ لڳي وڃون ته معيشت تباهه ٿي ويندي، اها 1970 جي سوچ هوندي هئي ته حڪومت روزگار فراهم ڪندي پر هاڻ نجي شعبا روزگار فراهم ڪندا آهن.

وفاقي وزير جي اهڙي بيان کانپوءِ اپوزيشن طرفان سخت ردعمل سامهون آيو ۽ ان کي تحريڪ انصاف جو هڪ ٻيو يوٽرن قرار ڏنو ويو.

اڄ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت جو ڪم آهي اها اهڙا موقعا پيدا ڪري، جنهن سان نوڪريون پيدا ٿين.

هن ٻڌايو ته هن وقت سرڪاري نوڪريون ڪُل ورڪ فورس جو 6 سيڪڙو آهن، جن ۾ سموريون صوبائي، وفاقي ۽ نيم سرڪاري ادارن جون ملازمتون شامل آهن.

سندس موجب سرڪاري نوڪريون جيڪڏهن 12 سيڪڙو به ڪيون وڃن ته سمورا سرڪاري ادارا ويهي ويندا، حڪومت جو ڪم اهڙا موقعا پيدا ڪرڻ آهي، جنهن سان معيشت ۾ ماڻهن جو حصو وڌي ۽ جديد دور ۾ نجي شعبا ملازمتون پيدا ڪندا آهن.

فواد چوڌري اهو به چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف هڪ ڪروڙ نوڪرين جو چيو هو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته هڪ ڪروڙ سرڪاري نوڪريون فراهم ڪيون وڃن.

The post تنقيد باوجود فواد چوڌري عوام کي نوڪريون نه ڏيڻ جي موقف تي قائم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages