

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪابينا اجلاس ۾ شيون ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته روز ڪم ايندڙ ضروري شين جي اگهن ۾ استحڪام آندو وڃي.
اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان چين ۽ ايران جي دوري بابت ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو.
هن ٻڌايو ته وزيراعظم ضروري شين جي اگهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ شماريات واري وزارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته اگهن ۾ استحڪام رهڻ گهرجي، گهرج ۽ پهچ ۾ پيدا ٿيندڙ خال جو سبب ذخيرو ڪندڙ آهن، جيڪي ڄاڻي واڻي من پسند شين جي کوٽ پيدا ڪري عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪندا آهن، انهن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي.
هي به پڙهي سگهو ٿ ا: ايران ۾ سعودي ۾ تڪرار نٿا چاهيون، مسئلي جو حل ضروري آهي: وزيراعظم
سندس چوڻ هو ته اهڙي ريت قيمتون تبديل ڪرڻ بدران انهن ۾ استحڪام آندو وڃي ۽ استحڪام برقرار رکڻ حڪومت جي پهرين ترجيح ۽ ذميواري آهي، وزيراعظم ان ذميواري کي محسوس ڪندي صوبائي حڪومتن ۽ وڏن وزيرن کي جمعي تي طلب ڪيو آهي، جتي قيمتن جي ميڪنزم تي ڳالهه ٿيندي ته استحڪام لاءِ صوبائي حڪومتن جا دارا فعال ڪردار ادا ڪن.
فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي ٻه آڪٽوبر تي فيصلن ۽ قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 4 آڪٽوبر تي فيصلن جي منظوري ڏني آهي.
هن وڌيڪ چيو ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته صحت واري وزارت طرفان 89 دوائن جا اگهه گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان هڪ سمري آندي پئي وڃي ۽ وزيراعظم صحت واري وزارت کي هدايت ڪئي ته حياتيون بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۽ مارڪيٽ ۾ دوائن جي کوٽ تي نظر رکي وڃي.
تحريڪ انصاف اڳواڻ ٻڌايو ته ڪابينا ڊاڪٽر عصمت آرا کي نيشنل فرٽيلائزر ڪمپني جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ايس مسعود کي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج سيڪيورٽيز (ايس اي سي پي) پاليسي بورڊ جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ جيڪو سڀ کان اهم فيصلو ٿيو، اهو رئيل اسٽيٽ جي حوالي سان هو، رئيل اسٽيٽ ريگوليشن اينڊ ڊولپمينٽ آرڊيننس 2019 تحت رئيل اسٽيٽ ريگيوليٽري اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اسلام آباد ۾ عمارتن، زمينن ۽ روڊن سميت ڪيترن ئي معاملن جي حوالي سان ماسٽر پلان جي منظوري ڏني وئي آهي، جن کي ماهر تيار ڪندا ۽ کين ايندڙ ٻن ورهين ۾ مڪمل منصوبابندي پيش ڪرڻ جو چيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته اجلاس ۾ سي ڊي اي جي نواڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي ۽ سي ڊي اي کي مڪمل طور خود مختيار اداري جي صورت ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي، جيڪو اسٽيشٽس ڪو مان نڪري اڄوڪي دور جو بهترين ادارو بڻبو.
هن ٻڌايو ته لنگر خانا قائم ڪرڻ جي حوالي سان پاليسي جي ڪابينا منظوري ڏني آهي، جنهن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ذريعي اڳتي وڌايو ويندو.
معاون خصوصی اطلاعات و نشریات ڈاکٹر فردوس عاشق اعوان کی میڈیا بریفنگ.
کابینہ اجلاس میں12 نکاتی ایجنڈے پر غور کیا گیا. وزیراعظم نے دورہ چین اور ایران پر کابینہ کو اعتماد میں لیا. وزیراعظم نے اشیائے ضروریہ کی قیمتوں کے کنٹرول کیلئے متعلقہ حکام کو ضروری ہدایات دیں: فردوس عاشق اعوان pic.twitter.com/5h5DX170U1— Govt of Pakistan (@pid_gov) October 14, 2019
The post عمران خان وڏن وزيرن کي طلب ڪري ورتو…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment