وقار يونس کي ٽي ٽوئنٽي ليگن ۾ فاسٽ بالرن جي شرڪت تي ڳڻتي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

وقار يونس کي ٽي ٽوئنٽي ليگن ۾ فاسٽ بالرن جي شرڪت تي ڳڻتي


يونس

لاهور (ويب ڊيسڪ) وقار يونس پيسرز جي ٽي ٽوئنٽي ليگن ۾ شرڪت محدود رکڻ جو خواهشمند آهي، بالنگ ڪوچ رانديگرن جي مالي نقصان جي ازالي لاءِ ڪو رستو ڪڍڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي آهي.

هڪ پرڏيهي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي وقار يونس چيو ته نوجوان پيسرز مستقبل جو اثاثو آهن، آئون انهن جون صلاحيتون نکارڻ لاءِ پرجوش انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهيان، ڪيترن ئي بالرن جي عمر 20 ورهين کان گھٽ آهي، انهن کي وڏي احتياط سان ڪيريئر ۾ اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، اڄ جا بالر هر طرز جي ڪرڪيٽ کيڏندا آهن پر ترجيح ٽيسٽ ميچز هجڻ گھرجن.

هن چيو ته ڪمائيءِ تي هر ڪنهن جو حق آهي ۽ ليگز ان جو ذريعو به آهن، آئون پي سي بي کي چيو آهي ته معاشي رخ کي نظر ۾ رکندي ڪا اهڙي پاليسي جوڙي وڃي جنهن سان ڪرڪيٽر ليگز بدران پاڪستان ۾ کيڏڻ کي ترجيح ڏني وڃي، پيسرز جي مالي معاملن کي ڏسڻ سان گڏ انهن تي بار به گھٽ ڪرڻو پوندو. ان ڏس ۾ بورڊ ڪم ڪري رهيو آهي، ان کي معاهدي جي ڪا شڪل ڏئي سگھجي ٿي.

سندس چوڻ هو ته پيسرز جي گرومنگ ڪندي گهڻن رخن کي نظر ۾ رکڻُ پوندو، نسيم شاهه کي ننڍپڻ ۾ چيلهه جا ٻه اسٽريس فيچر ٿي چڪا آهن، هن کي تڪليف ٿيڻ جو فڪر رهندو آهي، في الحال پيسر سان لاڳيتو 8 اوور ڪرائڻ بدران ڀرپور رفتار سان ننڍي اسپيل ڪرائڻي پوندي، گڏوگڏ فٽنيس تي به ڪم ڪرڻو آهي.

وقار يونس چيو ته محمد حسنين کي اڳوڻي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر پي ايس ايل ۾ 4 اوورن جي ڪارڪردگي تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو، باصلاحيت پيسر جي فٽنيس تي اين سي اي ۾ لاڳيتو ڪم ڪري رهيو آهيان، شاهين شاهه آفريدي هڪ مثال آهي جيڪو وڌيڪ فٽ ٿيو  ته ڪارڪردگي ۾ به نمايان بهترين ڏسڻ ۾ آئي، اهو ئي ڪم ٻين پيسرز سان به لاڳيتو ڪرڻو پوندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حارث رئوف فٽنيس تي ڪم ڪيو، هاڻ هو هڪ مضبوط عضوا رکندڙ ذهين بالر آهي، سلوبالنگ به سٺي ڪندو آهي، بگ بيش ليگ ۾ هن جي ڪارڪردگي ڏسي مون کي خوشي ٿي، هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق سان کيس پيس بيٽري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان پيسر سان گڏ ڪم ڪنداسين.

The post وقار يونس کي ٽي ٽوئنٽي ليگن ۾ فاسٽ بالرن جي شرڪت تي ڳڻتي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages