منشيات ڪيس: ويڊيو پيش ڪرڻ تائين فرد جرم قبول نه ڪندس…! - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, January 4, 2020

منشيات ڪيس: ويڊيو پيش ڪرڻ تائين فرد جرم قبول نه ڪندس…!


ويڊيو

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي خلاف ڪيس ۾ ويڊيو پيش ڪرڻ تائين فرد جرم قبول نه ڪندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته آئون پيشي تي وڪيلن سان گڏ باقي جيڪي ڪجهه جوابدار آهن انهن دوستن سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيڻ آيو آهيان پر اِها خبر ناهي پئجي سگهي ته اڄ ڪهڙي مقصد جي لاءِ روڊن تي ڪنٽينر لڳايا ويا آهن؟ ٽريفڪ جام ڪري صبح 8 وڳي کان ماڻهن کي مصيبت ۾ ڇو وڌو ويو آهي؟

راڻا ثناءُ الله چيو ته هتي گهٽ ۾ گهٽ 5 سئو پوليس اهلڪار سول ڪپڙن ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن ته اِها نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي جو ان قسم جو خوف ۽ هراس پکيڙڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

هي به پڙهي سگهو ٿا:پ پ ۽ ن ليگ ڌرڻي ۾ دل سان فضل الرحمان جو ساٿ نه ڏنو: راڻا ثناءُ الله

پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته عدالت ۾ منهنجي وڪيلن اِهو موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان فرد جرم کي ان وقت تائين قبول نه ڪنداسين جيستائين هو ويڊيو پيش نٿا ڪن جنهن ويڊيو بابت شهريار آفريدي ۽ ڊائريڪٽر جنرل اينٽي نارڪوٽڪس فورس چيو هو ته اسان وٽ ويڊيو آهي ته راڻا ثناءُ الله پاڻ هيروئن بيگ مان ڪڍي پيش ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته شهريار آفريدي چيو هو ته اُها ويڊيو وزير اعظم کي به ڏيکاري آهي ۽ ڪابينا ۾ به ان تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن ڪا ويڊيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪيو هو ڪڏهن پيش ڪندا؟ هن وڌيڪ چيو ته هو عدالت ۾ موقف اختيار ڪري ٿو ته اسان وٽ ڪا به ويڊيو ناهي.

سندس چوڻ هو ته هو سڄي دنيا کي ۽ عوام کي دوکو ڏيڻ ۽ ڪنفيوز ڪرڻ جي لاءِ اِها ڳالهه ڪندا آهن ته اسان وٽ ويڊيو آهي، ڪڏهن چون ٿا ته اسان وٽ فوٽيج آهي.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته اسان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسان کي فوٽيج جي ڪاپي ڏني وڃي، اُها ئي ويڊيو ئي ناهي جنهن ويڊيو جي هي ڳالهه ڪري رهيا آهن.

هي به پڙهي سگهو ٿا:وڊيو پيش ڇو نه ڪئي وئي، اهلڪارن کي مٿان کان حڪم مليل هو: راڻا ثناءُ الله

راڻا ثناءُ الله هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته نواز شريف جيڪو خط يا پيغام موڪليو آهي آئون سمجهان ٿو ته ان ۾ سياسي پارٽين ۽ پارليامينٽ جي عزت آهي، ان ۾ سڀني جي ڪاميابي آهي، نواز شريف جي پيغام جي تحت پارليماني طريقيڪار تي عمل ڪرڻ گهرجي.

هن چيو ته جيڪي غير ضروري جلد بازي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن اِهي ڪنهن جي لاءِ به بهتر ناهن، جنهن اداري جي لاءِ هي ترميم ڪئي پئي وڃي ان جي لاءِ ۽ پارليامينٽ جي لاءِ هي مناسب ناهي.

 

The post منشيات ڪيس: ويڊيو پيش ڪرڻ تائين فرد جرم قبول نه ڪندس…! appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages