

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي بحران ۾ ڪٿي نه ڪٿي گورنمينٽ کان ڪوتاهي ٿي آهي.
اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن ۾ اضافي تي پنجاب جي گورنر چوڌري محمد سرور هڪ بيان ۾ چيو آهي ته کنڊ ۽ اٽي جي بحران تي جلد ضابطو آندو ويندو پر ان بحران ۾ ڪٿي نه ڪٿي گورنمينٽ کان به ڪوتاهي ٿي آهي.
چوڌري سرور چيو ته پنجاب ڪڻڪ جي حوالي سان ٻين صوبن جي مدد ڪري رهيو آهي، پنهنجي دوستن کان چوندو آهيان ته اسان کي احتياط سان مستقبل جي پلاننگ ڪرڻ گهرجي.
The post اٽي ۽ کنڊ جي بحران تي حڪومت نيٺ ڪوتاهي تسليم ڪري ورتي…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment