”100 خاندانن جي مٿي تي هٿ نه رکندڙ حڪومت 22 ڪروڙ عوام سان ڇا ڪندي“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, May 31, 2020

”100 خاندانن جي مٿي تي هٿ نه رکندڙ حڪومت 22 ڪروڙ عوام سان ڇا ڪندي“


 

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال چيو آهي ته ن ليگ پنهنجي دور ۾ واڌو کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ سبسڊي ڏني هئي پر موجوده حڪومت پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ اپوزيشن تي الزام تراشي ڪري رهي آهي.

نارووال ۾ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته هاڻ شهزاد اڪبر به مڃي ورتو آهي ته عمران خان ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني، اصل معاملو اهو آهي ته ڪنهن ڪنهن وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوتا ۽ عام ماڻهو جي کيسي تي 300 اربن جو ڌاڙو هنيو؟

هن چيو ته ميڊيا تي جهاز حادثي جي متاثر عورت جي دانهن ٻڌي ته منهنجي دل ڏکي پئي، وزيراعظم جو فرض هو ته جهاز حادثي جي پاڻ نگراني ڪري ۽ ڪراچي وڃي ها، ان بدران وزيراعظم نٿيا گلي ۾ سير ڪري رهيو هو، جڏهن ته مسافرن جا وارث ڌڪا کائي رهيا هئا.

سندس چوڻ هو ته هيءَ بي حس، نااهل ۽ ناڪام حڪومت آهي، جيڪا حڪومت 100 خاندانن جي مٿي تي هٿ نٿي رکي سگهي، اها 22 ڪروڙ عوام سان ڇا ڪندي.

احسن اقبال موجب ڪورونا وائرس تي اسان رڙيون ڪندا رهياسين ته خدارا حفاظتي قدم کڻو پر حڪومت لاڪ ڊائون کي به مذاق ۾ ورتو، حڪومت 15 ارب ڊالرن جو نئون قرض وٺي رهي آهي، هن حڪومت پاڪستان کي قرضستان بڻائي ڇڏيو آهي.

The post ”100 خاندانن جي مٿي تي هٿ نه رکندڙ حڪومت 22 ڪروڙ عوام سان ڇا ڪندي“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages