

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڪرڪيٽر عمر اڪمل طرفان پابندي خلاف ڪيل اپيل تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج کي مقرر ڪري ڇڏيو.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب جسٽس (ر) فقير محمد کوکر کي عمر اڪمل جي اپيل ٻڌڻ لاءِ آزاد جج مقرر ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته آزاد جج ٻڌڻي جي تاريخ مقرر ڪندو، جنهن جي تصديق کانپوءِ پي سي بي اعلان ڪري ڇڏيندو.
واضح رهي ته پي سي بي عمر اڪمل تي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ٻن مختلف موقعن تي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 3 سال پابندي لاڳو ڪئي آهي.
پي سي بي مڊل آرڊر بيٽسمين خلاف اهو فيصلو 27 اپريل تي ٻڌايو هو، جنهن جي ٻڌڻي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڊسيپلنري پئنل جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ فضل ميران چوهان جي سربراهي ۾ ٿي هئي.
عمر اڪمل ٻڌڻي دوران پاڻ پيش ٿيو هو، جڏهن ته پي سي بي طرفان نمائندگي قانوني صلاحڪار تفضل رضوي ڪئي هئي.
جسٽس رٽائرڊ فضل ميران مختصر فيصلو ٻڌائيندي چيو هو ته عمر اڪمل تي 3 سالن لاءِ هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پي ايس ايل جي پنجين سيزن کان اڳ معطل ڪيل عمر اڪمل کي بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي 2 ڀيرا ڀڃڪڙي تي چارج ڪيو ويو هو.
عمر اڪمل ان فيصلي خلاف اپيل هلندڙ مهيني ئي داخل ڪرائي هئي ۽ قانون موجب پي سي بي کي 15 ڏينهن اندر عمر اڪمل جي اپيل تي ٻڌڻي لاءِ پئنل جوڙڻو هو.
The post عمر اڪمل جي پابندي خلاف اپيل تي ٻڌڻي لاءِ سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج مقرر appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment