ڪورونا سان متاثر لاهور پوليس جي ملازمن جو انگ 115 ٿي ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 30, 2020

ڪورونا سان متاثر لاهور پوليس جي ملازمن جو انگ 115 ٿي ويو


لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور پوليس ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر آفيسرن ۽ اهلڪارن جو انگ 115 ٿي ويو.

پوليس ترجمان موجب ايس پي سيڪيورٽي بلال ظفر شيخ، ايس پي سٽي انويسٽيگيشن توحيد ميمڻ، ايس پي انويسٽيگيشن ماڊل ٽائون اسد مظفر ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڊي ايس پي سمن آباد وحيد اسحاق ۽ انسپيڪٽر ظهير الدين بابر جي ڪورونا ٽيسٽ به هاڪاري آئي آهي.

ترجمان جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او باغبانپوره محمد رضا ۽ انچارج انويسٽيگيشن ڊفينس سي عدنان مسعود به ڪورونا متاثرن ۾ شامل آهن.

سي سي پي او ذوالفقار حميد موجب هيل تائين 115 پوليس ملازم ڪورونا وائرس ۾ وٺجي چڪا آهن، جڏهن ته 3 اهلڪار شمس، رمضان عالم ۽ رائو جاويد شهيد ٿي چڪا آهن.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته 61 اهلڪارن صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر ڊيوٽيون سنڀالي ورتيون آهن.

The post ڪورونا سان متاثر لاهور پوليس جي ملازمن جو انگ 115 ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages