

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ سان واسطو رکندڙ پنجاب اسيمبلي ميمبر مظفر شيخ جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا گهرواري کي ڊينگي به ٿي ويو.
حافظ آباد مان ن ليگ ايم پي اي مظفر شيخ جي گهرواري جي 10 ڏينهن اڳ ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي هئي ۽ هوءَ لاهور جي ميو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
وارثن موجب اسپتال انتظاميا کي ڪيترائي ڀيرا ڪمري ۾ مڇرن جي دانهن ڏني پر انهن مڇر مار ڦوهارو نه ڪرايو، جنهن سبب متاثر عورت کي ڊينگي به ٿي ويو آهي.
وارثن جو چوڻ هو ته اسپتال انتظاميا نااهلي جو مظاهرو ڪندي مظفر شيخ جي گهرواري جي زندگي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
The post ن ليگ ايم پي اي جي ڪورونا سان متاثر گهرواريءَ کي ڊينگي به ٿي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment