

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت طرفان وفاقي بجيٽ 12 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ 2 جون تي وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ جون تجويزون پيش ڪيون وينديون ۽ پوءِ ان کي 12 جون تي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم 12 جون کان اڳ باقاعدگي سان بجيٽ بريفنگ وٺندو رهندو.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ جي مجموعي ڪاٿي ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ايندڙ مالي سال لاءِ ساڍا 7 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي وفاقي بجيٽ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال وفاقي بجيٽ ۾ 3 هزار ارب رپين تائين خساري جو امڪان آهي.
ذريعن موجب ترقياتي بجيٽ 530 ارب رپين تائين رکڻ جو امڪان آهي، بجيٽ ۾ تعميراتي صنعت کي خاص مراعتون ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ترقياتي رٿائن لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت 200 اربن کان وڌيڪ رکڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ ٽيڪسن جو هدف ساڍا 4100 کان 4500 ارب مقرر ڪرڻ جو به امڪان آهي، ان سان گڏوگڏ بجيٽ ۾ کاڌي پيتي جي بنيادي ضروري شين تي ٽيڪس جي شرح ۾ وڌيڪ گهٽتائي، ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۽ ڪاروباري طبقي کي رليف ڏيڻ لاءِ هڪ هزار اربن کان وڌيڪ رقم رکڻ جو به امڪان آهي.
The post وفاقي بجيٽ 12 جون تي پيش ڪرڻ جو امڪان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment