انصاف جي موجوده نظام تي عوام جو اعتماد ڊهي چڪو آهي: وزيراعظم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 29, 2020

انصاف جي موجوده نظام تي عوام جو اعتماد ڊهي چڪو آهي: وزيراعظم


سماجي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انصاف جي موجوده نظام تي عوام جو اعتماد ڊهي چڪو آهي.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ موجوده حڪومت ۾ عوام کي تڪڙي انصاف جي فراهمي لاءِ ڪئي ويندڙ قانوني سڌارن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قانون واري وزير فروغ نسيم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، صلاحڪار بابر اعواڻ، اٽارني جنرل ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته انصاف جي نظام ۾ بهتري لاءِ عوام جون اميدون موجوده حڪومت سان سلهاڙيل آهن، معاشري جي ڪمزور طبقي جو آواز بڻجڻ ۽ انهن کي انصاف جي فراهمي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته انصاف جي موجوده نظام تي عوام جو اعتماد گهڻي حد تائين ڊهي چڪو آهي، عدل جي نظام ۾ خاميون ختم ڪرڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو بنيادي جُز آهي، فوجداري ڪيسن جي نظام ۾ سڌارن، ٿاڻي ڪلچر ۾ تبديلي، ڪيسن داخل ڪرڻ، جيلن ۾ سڌارن جي عمل جي حوالي سان به روڊ ميپ جوڙيو وڃي.

وزيراعظم قانون واري وزير بئريسٽر فروغ نسيم، صلاحڪار بابر اعواڻ ۽ اٽارني جنرل تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ۽ ان کي عوام جي اميدن موجب قانوني سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جو وقت مقرر ڪري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.

اجلاس ۾ وفاقي تخت گاهه ۾ جديد فرانزڪ ليبارٽري قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

The post انصاف جي موجوده نظام تي عوام جو اعتماد ڊهي چڪو آهي: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages