اتر وزيرستان ۾ موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ، 3 ڄڻا فوت - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, May 24, 2020

اتر وزيرستان ۾ موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ، 3 ڄڻا فوت


پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن جي فائرنگ سبب 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.

پوليس موجب فائرنگ جو واقعو اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ پيش آيو جتي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار واٽهڙن کي نشانو بڻائي فرار ٿي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيلن جي سڃاڻپ زبيد الله، فرمان الله ۽ ملڪ نعمت الله جي نالن سان ٿي آهي.

پوليس موجب زبيد الله خان سي ايس ايس آفيسر آهي ۽ اسلام آباد ۾ مختلف عهدن تي رهيو آهي.

پوليس ٻڌايو ته زبيدالله اسلام آباد مان عيد ملهائڻ ڳوٺ آيو هو جتي مائٽن جي گهر کان پنڌ واپسي تي هن کي نشانو بڻايو ويو.

The post اتر وزيرستان ۾ موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ، 3 ڄڻا فوت appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages