ملڪ جي صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف طرفان قوم کي عيد جون واڌايون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, May 24, 2020

ملڪ جي صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف طرفان قوم کي عيد جون واڌايون


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر  وزير اعظم ۽ آرمي چيف قوم کي عيد جون واڌايون ڏنيون.

ملڪ جي صدر عارف علوي عيد جي پيغام ۾ چيو آهي ته آئون پنهنجي عيد پي آءِ اي جي شهيدن، ڪورونا سبب پيدا ٿيل صورتحال ۾ روزي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندڙ سڀني غريبن، ڊاڪٽرن، نرسز، ڪورنا جي مريضن، هندوستاني ظلم برداشت ڪندڙ ڪشميرين، هندوستان ۾ اسلاموفوبيا مان متاثر مسلمانن، فلسطينين ۽ مسلمان پناهه گيرن جي نالي وقف ڪيان ٿو.

وزير اعظم:

وزير اعظم عمران خان پنهنجي عيد پيغام ۾ ڪشمير واسين کي سلام پيش ڪيو ۽ چيو ته عيد جي موقعي تي خاص پيغام ۽ نيڪ خواهشن سان گڏ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي جاري بربرتي جو نهايت همت ۽ جوان مردي سان مقابلو ڪرڻ ۽ غير انساني کڙي دوران صبر جو جبل بڻجي ڄمي بيهڻ تي ڪشمير واسين کي اسان جو سلام.

آرمي چيف:

هوڏانهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه قوم کي عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته اسان اڄ چيلنجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ الله جي مدد ۽ رهنمائي جي دعا ڪيون ٿا.

The post ملڪ جي صدر، وزير اعظم ۽ آرمي چيف طرفان قوم کي عيد جون واڌايون appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages