بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي مشهور ٽيڪنالوجي ڪمپني شيائومي اعلان ڪيو آهي ته ڪمپني 2020ع جي آخر تائين 4 جي سمارٽ فون ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب شيائومي ڪيترن ئي مهينن کان 5 جي سمارٽ فونز ٺاهي رهي آهي ۽ هاڻ هنن نوان 4 جي موبائيل فون ٺاهڻ بند ڪرڻ جو به اعلان ڪيو آهي ڇو جو هاڻ ڪمپني مڪمل طور تي 5 جي ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪرڻ چاهي ٿي.
ان ڏس ۾ شيائومي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر لي جن چيو آهي ته 5 جي ٽيڪنالوجي جي صنعت ۾ نمايان انقلاب آڻيو ويندو، پر ڪورونا وائرس سبب ڪمپني جي 5 جي اسٽريٽجي اثرانداز ٿي آهي.
The post شيائومي 4 جي موبائل ٺاهڻ بند ڪري ڇڏيا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment