سڄي دنيا ۾ دل جي بيمارين سبب ڪيترائي ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا، طبي ماهرن موجب گھڻا ماڻهو پنهنجي طرز زندگي سبب به دل جي مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. آرام طلبي، ٻاهران جا کاڌا ۽ ورزش ڇڏي ڏيڻ به دل جي بيمارين جو سبب آهن، پر قدرت جي نعمتن ۾ ميون جا مختلف قسم اهڙا آهن جيڪي اسان کي دل جي مرضن کان محفوظ رکي سگھن ٿا يا ان جو خطرو گھٽائي سگھن ٿا.
اسٽرابيري هڪ اهڙو ئي ميوو آهي جيڪو دل جي صحت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ڪندو آهي، ماهرن موجب ان ۾ موجود ايليجڪ ايسڊ ۽ فليونوائڊز اهڙا اينٽي آڪسيڊنٽ اثر فراهم ڪندا آهن، جيڪي دل لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا آهن. اهي خراب ڪولسٽرول جي انهن اثرن سان وڙهندا آهن جيڪي رڳن ۾ رت کي گھاٽو ڪندا آهن.
هڪ طبي تحقيق موجب اسٽرابيري جو خوراڪ ۾ استعمال دل جي مرضن ۽ شگر کان به تحفظ ڏئي ٿو.
ماهرن موجب دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ وڌ کان وڌ اسٽرابيري استعمال ڪيو.
ميون جي فائدن بابت مختلف تحقيقن مان ان جا مختلف طبي فائدا ثابت ٿين ٿا. طبي محققن موجب اسٽرابيري ۾ موجود پوٽاشيئم ۽ منرلز اسان جي جسم جي مدافعتي نظام کي بهتر بڻائيندا آهن.
طبي ماهرن اسٽرابيري کي وٽامن سي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو قرار ڏنو آهي. وٽامن سي جسماني دفاعي نظام کي مضبوط ۽ طاقتور بڻائندي آهي. ماهرن موجب انساني جسم ان وٽامن کي بڻائڻ جي صلاحيت ناهي رکندو ۽ ان ڪري ان کي خوراڪ ذريعي حاصل ڪرڻ ضروري آهي.
The post مدافعتي نظام بهتر بڻائڻ لاءِ اسٽرابيري کائو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment