ملڪ جي صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس 5 جون تي طلب ڪري ورتو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 22, 2020

ملڪ جي صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس 5 جون تي طلب ڪري ورتو


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس 5 جون تي طلب ڪري ورتو.

گذريل ڏينهن مسلم ليگ ن جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي نالي خط لکيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته آئين جي تحت هر سال ۾ قومي اسيمبلي اجلاس جا 130 ڏينهن پورا ڪرڻ ضروري آهن ۽ هن وقت تائين قومي اسيمبلي جا 77 ڏينهن ٿيا جڏهن ته 53 ڏينهن اڃان باقي آهن.

ان کان پوءِ وزير اعظم عمران خان جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جو اشارو ڏنو هو جنهن تي هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويو آهي.

ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي جو اجلاس 5 جون تي طلب ڪيو آهي ۽ اِهو اجلاس شام 4 وڳي ٿيندو.

The post ملڪ جي صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس 5 جون تي طلب ڪري ورتو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages