

خانيوال (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ضلعي خانيوال جي تعلقي ڪبيروالا ۾ قومي شاهراهه ملتان روڊ تي صبح سوير لاهور کان ملتان ويندڙ مسافر بس پل تان ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 مسافر فوت ۽ 28 زخمي ٿي پيا.
حادثو پل رانگو واري هنڌ ان وقت پيش آيو، جڏهن هڪ موٽر سائيڪل سوار کي بچائيندي بس پل کان 15 فوٽ هيٺ سروس روڊ تي ڪِري پئي.
شروعاتي طور تي حادثي جي نتيجي ۾ 6 مسافر ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ جن 4 کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو، انهن مان 3 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
فوتين جي سڃاڻپ دانيال، عادل سعيد، تيمور، شهباز، نجيب الله، ذڪريا بيگم، عبدالستار، مدثر ۽ رخسانا جي نالن سان ٿي آهي.
حادثو ايترو سخت هو جو ريسڪيو اهلڪارن بس جو ڍانچو ڪَٽي زخمين کي ٻاهر ڪڍيو، جن مان 27 زخمين کي فوري طور ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال خانيوال داخل ڪرايو ويو، جڏهن ته 4 سخت زخمين کي نشتر اسپتال نيو ويو.
ڊپٽي ڪمشنر ٽراما سينٽر جي سڀني ڊاڪٽرن کي هنگامي طور ڊيوٽي تي گهرائي ورتو ۽ زخمين جي عيادت سان گڏوگڏ حادثي جي جاچ جو به حڪم ڏنو آهي.
The post خانيوال ۾ مسافر بس سان خوفناڪ حادثو، عورتن سميت 9 ڄڻا فوت، 28 زخمي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment