

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ عوامي هنڌن تي ماسڪ نه پائيندڙ شهرين تي ڏنڊ لاڳو ٿيندو ۽ جيل جي هوا به کائي سگهن ٿا.
اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر حمزا شفقات ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ، منهن ڍڪڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته مسجدن، مارڪيٽن، پبلڪ ٽرانسپورٽ، گهٽين، رودن ۽ آفيسن ۾ چيڪنگ ٿيندي، ڀڃڪڙي ڪندڙن تي 3 هزار رپين تائين ڏنڊ ۽ قلم 188 تعزيرات پاڪستان تحت اهي جيل به وڃي سگهن ٿا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا اعلان ڪيو هو ته حڪومت عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ کي لازمي قرار ڏنو آهي.
The post ماسڪ نه پائڻ تي ڏنڊ ۽ جيل جي هوا کائڻي پوندي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment