سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, May 22, 2020

سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو


رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر ناهي آيو، ملڪ ۾ ڇنڇر ڏينهن 30 ڏينهن مڪمل ڪيا ويندا ۽ عيدالفطر آچر 24 مئي تي ملهائي ويندي.

عرب ميڊيا رپورٽ موجب سعودي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سعودي عرب ۾ شوال جو نظر ناهي آيو جنهن کان پوءِ عيد الفطر 24 مئي آچر جي ڏينهن ملهائي ويندي.

سعودي سپريم ڪورٽ اڄ چنڊ جي رويت جي حوالي سان شهرين کي اپيل ڪئي هئي ته هو چنڊ نظر اچڻ جون شهادتون رپورٽ ڪن پر چنڊ نظر اچڻ جون ڪي به شاهديون نه آيون.

The post سعودي عرب ۾ شوال جو چنڊ نظر نه آيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages