صدارتي ايوارڊ يافتا گلوڪار اعجاز قيصر لاڏاڻو ڪري ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 26, 2020

صدارتي ايوارڊ يافتا گلوڪار اعجاز قيصر لاڏاڻو ڪري ويو


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجي آواز سبب پاڪستان جو سموري دنيا ۾ نالو روشن ڪندڙ صدارتي ايوارڊ يافتا گلوڪار اعجاز قيصر لاڏاڻو ڪري ويو.

68 ورهين جو اعجاز قيصر، دل، گڙدن ۽ ڦڦڙن جر مرضن ۾ مبتلا هو، هن پنهنجي سريلي آواز سان نه رڳو پاڪستان پر سموري دنيا ۾موسيقي سان محبت رکندڙن ۾ پنهنجي انوکي سڃاڻپ ٺاهي.

اعجاز قيصر بيماري سبب گھڻي عرصي کان گمنامي اختيار ڪئي هئي، دل جون رڳون  بند ۽ گڙدن جي بيماري سبب هو گھڻو ڪمزور ٿي چڪو هو.

گذريل رات سندس طبيعت خراب ٿيڻ تي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو.

اعجاز قيصر جي پٽ ممتاز قيصر موجب کيس اڄ مقامي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو.

The post صدارتي ايوارڊ يافتا گلوڪار اعجاز قيصر لاڏاڻو ڪري ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages