”ن ليگ ارڙهين ترميم تي ڳالهين جي لاءِ تيار ناهي“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, May 25, 2020

demo-image

”ن ليگ ارڙهين ترميم تي ڳالهين جي لاءِ تيار ناهي“

Ayaz-Sadiq
Ayaz-Sadiq

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سردار اياز صادق چيو آهي ته هن جي پارٽي 18هين ترميم تي حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ جي لاءِ به تيار ناهي.

سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم صوبن جي اتفاق راءِ سان ٿي هئي ۽ جيڪڏهن ۾ ڪا ننڍي ترميم ڪرڻي به پئي ته چار ئي صوبا پهرين پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا. هن چيو ته آئين جي 18هين ترميم ختم ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.

اياز صادق چيو ته 18هين ترميم تي ڪنهن صوبي اعتراض نه ڪيو هو ۽ انهن حالتن ۾ ان مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ به غير ضروري آهي.

قومي احتساب بيورو بابت سندس چوڻ هو ته جاچ جي دوران جيل ۾ وجهڻ ناانصافي آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان انصاف چاهيون ٿا ۽ انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ ٿيڻ گهرجن.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪيس ثابت ٿئي ها ته ضرور پڪڙن پر حمزه شهباز، خورشيد شاهه ۽ شهباز شريف جي خلاف هن وقت تائين ڪو به ڪيس ثابت ناهي ٿيو.

The post ”ن ليگ ارڙهين ترميم تي ڳالهين جي لاءِ تيار ناهي“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages