

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار شهروز سبزواري ۽ ماڊل صدف ڪنول سادگيءَ سان نڪاح ڪري ورتو.
شهروز سبرزواري ۽ صدف ڪنول جو نڪاح ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي جي خاندانن ۽ ويجهن دوستن شرڪت ڪئي.
نڪاح جي موقعي تي من موهڻي ماڊل صدف ڪنول ڳاڙهي رنگ جو عروسي جوڙو پاتو، ان موقعي تي شهروز جو پيءُ بهروز سبزواري به موجود هو.
واضح رهي ته اها شهروز سبزواري جي صدف ڪنول سان ٻي شادي آهي، ان کان اڳ 2012 ۾ هن اداڪارا سائرا يوسف سان پسند پرڻو ڪيو هو پر تازو ٻنهي ۾ طلاق ٿي وئي، جڏهن ته ٻنهي جي هڪ ڌيءُ به آهي.
نڪاح کانپوءِ ماڊل صدف ڪنول انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجو نالو تبديل ڪري صدف شهزور ڪري ڇڏيو آهي ۽ گڏوگڏ نڪاح جون تصويرون به پوسٽ ڪيون.
The post اداڪار شهروز سبزواري ۽ ماڊل صدف ڪنول سادگيءَ سان شادي ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment