

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ پهريون ڀيرو ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جا ضمني امتحان وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪورونا وائرس سبب سڄي ملڪ ۾ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو هو ۽ تعليمي سرگرميون مارچ کان معطل آهن پر هاڻ پنجاب ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل جا ضمني امتحان وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي وائس چانسلر پروفيسر جاويد اڪرم موجب پنجاب ۾ ايم بي بي ايس ۽ بي ڊي ايس جي ضمني امتحانن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جيڪي پهرين جون کان 20 جون تائين جاري رهندا.
سندس چوڻ هو ته ضمني امتحانن لاءِ 16 مرڪز قائم ڪيا ويا آهن، جتي ڊيوٽي ڏيندڙ 81 نگرانن جون ڪورونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن، امتحاني مرڪزن ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ قدمن کنيا ويندا.
هن ٻڌايو ته ضمني امتحانن ۾ ڪل هڪ هزار 48 اميدوار شريڪ ٿي رهيا آهن، امتحاني مرڪزن کي ڊس انفيڪٽ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، اندرين ۽ ٻاهرين رستن تي هينڊ سينيٽائزر رکيا ويندا ۽ اميدوارن وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ميٽرن جي وٿي کي يقيني بڻايو ويندو.
پروفيسر جاويد اڪرم جو چوڻ هو ته ماسڪ کانسواءِ اميدوارن کي امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه هوندي ۽ ضمني امتحانن لاءِ جاري ايس او پيز تي سختي سان عمل جو حڪم ڏنو ويو آهي.
The post پنجاب ۾ لاڪ ڊائون کانپوءِ پهريون ڀيرو ميڊيڪل جي ضمني امتحانن جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment