

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته کنڊ اسڪينڊل جيان اٽي اسڪينڊل ۾ به وڏا وڏا نالا سامهون ايندا.
لياقت باغ راولپنڊي ۾ عيد جي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته 13 جولاءِ تائين وقت آهي ان کان پوءِ وڏيون گرفتاريون ٿينديون، 31 جولاءِ تائين منهنجو دوست خطري ۾ آهي، هاڻ سافٽ ويئر تبديل ٿيڻ جو وقت ناهي رهيو. کنڊ اسڪينڊل کان پوءِ اٽي اسڪينڊل تي به فرانزڪ رپورٽ ايندي، اٽو اسڪينڊل نيب ۽ ايف آءِ اي وٽ ويندو، وڏا جاچ ٿي رهي آهي، کنڊ اسڪينڊل جيان اٽي جي اسڪينڊل ۾ به وڏا نالا سامهون ايندا.
شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪورونا وبا جي دوران رمضان المبارڪ خيريت سان گذري ويو.
The post ”کنڊ اسڪينڊل جيان اٽي اسڪينڊل ۾ به وڏا نالا سامهون ايندا“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment