

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ترڪ صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽيليفون ڪري پاڪستاني قوم کي عيد الفطر جون واڌايون پيش ڪيون ۽ گڏوگڏ ئي جهاز حادثي تي افسوس جو اطهار به ڪيو.
تفصيل موجب ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ٽيليفون ڪري پاڪستاني قوم کي عيد الفطر جون مبارڪون پيش ڪيون.،
طيب اردگان چيو ته ترڪي هن ڏکئي وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي. پنهنجي بيان ۾ ترڪ صدر جهاز حادثي تي تعزيت جو اظحار ڪندي فوت ٿيلن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار به ڪيو.
جواب ۾ صدر عارف علوي به ترڪ هم مصب ۽ ترڪ عوام کي عيد جون واڌايون پيش ڪيون.
The post ترڪ صدر جو پاڪستان هم منصب کي فون، جهاز حادثي تي افسوس جو اظهار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment