

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بنيادي ضرورتن ۽ سهولتن جي عدم موجودگي سبب وفاقي تخت گاهه جي مرغزار چڙيا گهر جي سڀني جانورن کي محفوظ پناهگاهن ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
چيف جسٽس اطهر من الله چڙيا گهر ۾ جانورن جي خراب حالت بابت ڪيس جو 67 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
تفصيلي فيصلي ۾ عدالت حڪم ڏنو آهي ته ڪاون نالي هاٿي کي 30 ڏينهن ۽ باقي سڀني جانورن کي 60 ڏينهن اندر محفوظ پناهگاهن ۾ منتقل ڪيو وڃي.
عدالت جو چوڻ آهي ته ڪاون مرغزار چڙيا گهر ۾ گهڻي تڪليف برداشت ڪئي، هاٿي جي معاملي تي وائلڊ لائف بورڊ سريلنڪن هاءِ ڪميشن سان به رابطو ڪري ۽ هاٿي کي ملڪ اندر يا ٻاهر جتي به ممڪن ٿئي، پناهگاهه ۾ منتقل ڪيو وڃي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد جو چڙيا گهر بنيادي ضرورتون ۽ سهولتون نٿو رکي ۽ اتي قانون جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.
The post اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چڙيا گهر جي جانورن کي محفوظ پناهگاهن ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment