لاڪ ڊائون دوران گهران ويهي ڪم ڪندڙن لاءِ هدايتون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 26, 2020

لاڪ ڊائون دوران گهران ويهي ڪم ڪندڙن لاءِ هدايتون


 

ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ ڪيترن ئي ادارن ماڻهن کي گهرن ۾ ڪم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن، جنهن سبب ملازم گهرن اندر ڪم ڪندي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.

گهران ويهي ڪم ڪرڻ ۾ سڀ کان پهرين ڏکيائي اها آهي ته گهڻي ڀاڱي ماڻهن جي گهرن ۾ ڪا اهڙا سڪون واري جاءِ ناهي هوندي، جتي 8 ڪلاڪ لاڳيتو ويهي ڪم ڪري سگهجي، جنهن جي نتيجي ۾ چيلهه، ڪنڌ ۽ ڪلهن ۾ تڪليف ٿيندي آهي.

ان صورتحال ۾ توهان ڪجهه هدايتن تي عمل ڪري تڪليف کان بچي سگهو ٿا.

1: اَٺ ڪلاڪ لاڳيتو گهران ويهي ڪم ڪندڙن کي گهرجي ته اهي ڪم دوران هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ 3 کان 4 منٽ بيهي رهن ۽ گهمڻ ڦرڻ کي ترجيح ڏين.

2: ڪرسيءَ جي ويٺي ويٺي ڪنڌ ۽ هٿن جي معمولي ورزش سان به تڪليف کان بچي سگهجي ٿو.

3: ڪم دوران ضروري آهي ته ليپ ٽاپ يا ڪمپيوٽر اکين جي سامهون هجي، هيٺ يا مٿي هجڻ سان اکين ۽ مٿي ۾ سور ٿي سگهي ٿو.

4: ڪم دوران چيلهه جي پويان ويهاڻو رکجي ته بهتر رهندو، جنهن سان ڪم ڪندڙ کي آرام ملندو.

5: گهر ۾ ڪم ڪندي ضروري آهي ته جُهڪي ويهڻ بدران چيلهه سڌي ڪري ويجهي نه ته اهو عمل ڪنڌ ۽ چيلهه ۾ تڪليف جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

The post لاڪ ڊائون دوران گهران ويهي ڪم ڪندڙن لاءِ هدايتون appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages