گوگل طرفان لاڪ ڊائون دوران ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجهڻ لاءِ ايپ متعارف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, May 26, 2020

گوگل طرفان لاڪ ڊائون دوران ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجهڻ لاءِ ايپ متعارف


 

گوگل لاڪ ڊائون سبب تعليمي سرگرميون محدود ٿيڻ جي ڪري ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجهڻ لاءِ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي.

ڪورونا وبا جتي سڄي دنيا ۾ ڪاروهنوار ٺپ ڪري ڇڏيو آهي، اتي ئي اسڪولن جي بندش سبب ٻار تعليم حاصل ڪرڻ کان به محروم ٿي ويا آهن ۽ تعليمي سرگرميون جاري رکڻ لاءِ آن لائن ڪلاسن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.

اتي انٽرنيٽ جي دنيا جي سڀ کان وڏي انجڻ گوگل ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وڌائڻ ۽ پڙهڻ ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.

گوگل لاڪ ڊائون دوران تعليمي ڏکيائين کي محسوس ڪندي شاگردن لاءِ فائديمند ايپليڪيشن ”ريڊ الونگ“ متعارف ڪرائي آهي، جنهن جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها انگريزي ٻولي سيکارڻ ۾ به مدد ڏئي ٿي.

اها ايپ انگريزي ۽ هندي کانپوءِ هاڻ 9 ٻولين ۾ دستياب آهي، جن ۾ اردو پڻ شامل آهي.

شروعاتي طور ان ايپ کي 5 کان 12 سالن جي ٻارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي، ايپ ۾ هڪ اهڙي ڊيوائس به موجود آهي، جيڪا ٻارن جي پڙهيل سبقن کي نه رڳو ورجائي ٿي پر هجي به درست ڪري ٿي ٻڌائي.

دنيا جي 180 ملڪن لاءِ ڪارآمد ان ايپ جي هڪ خاصيت اها به آهي ته اها انسٽال ڪرڻ کانپوءِ آف لائن به استعمال ڪري سگهجي ٿي.

لاڪ ڊائون دوران ٻار ان ايپ ذريعي نه رڳو انگريزي سکي سگهن ٿا پر پنهنجي ريڊنگ اسڪلز ۾ به واڌ ڪري ٿا سگهن.

The post گوگل طرفان لاڪ ڊائون دوران ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجهڻ لاءِ ايپ متعارف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages