اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جا ڪيس ۽ فوتگيون وڌي رهيون آهن، ڪورونا ختم ناهي ٿيو پر وڌي رهيو آهي، جيڪڏهن غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ويو ته ٻيهر لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو.
اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو پاڪستاني شايد سمجهي رهيا آهن ته ڪورونا رڳو عيد تائين هو، جيڪڏهن اسان احتياط نه ڪيو ته وڏو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ ڪورونا ڪڏهن ختم ٿيندو، اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو، ملڪ ۾ هن وقت 56 هزار 349 ڪنفرم ڪيس آهن، لڳ ڀڳ 37 هزار 700 ڪورونا جا مريض علاج هيٺ آهن.
هن چيو ته ملڪ ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، احتياط نه پيو ڪيو وڃي، عوام کي چوان ٿو ته بيماري کي روڪڻ جو سبب بڻجو پکڙجڻ جو نه، عيد تي مشاهدو رهيو ته ايس او پيز تي عمل نه پيو ٿئي، جيڪڏهن ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته ٻيهر لاڪ ڊائون هڻڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته اسان عيد ڪورونا وائرس جي فرنٽ لائن سولجز جي نالي ڪئي آهي، ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي پنهنجي عيد قربان ڪري فرض انجام ڏنا، شهري سمجهي رهيا آهن ته عيد کانپوءِ بيماري ختم ٿي ويندي پر اهو تاثر غلط آهي، عوام احتياط برقرار نه رکيو ته صورتحال ڳنڀير ٿي ويندي.
The post وفاقي حڪومت ٻيهر لاڪ ڊائون جو اشارو ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment