

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي مقامي سطح تي پکيڙ جي شرح 92 سيڪڙو آهي، تنهن ڪري عوامي هنڌن تي ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏئي رهيا آهيون.
قومي سلامتي معاملن بابت خاص مددگار معيد يوسف سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته ملڪ ۾ هيل تائين 5 لک 32 هزار ڪورونا ٽيسٽون ٿي چڪيون آهن، پاڪستان ۾ وائرس جي مقامي پکيڙ جي شرح 92 سيڪڙو، جڏهن ته صحتيابي جي شرح 36 سيڪڙو آهي.
هن چيو ته طئي ڪيل ضابطي ڪار ۽ گائنڊ لائنز تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان ماسڪ کي استعمال کي لازمي قرار ڏئي رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته وائرس کان بچاءَ لاءِ سرجيڪل ۽ ڪپڙي جا ماسڪ به استعمال ڪري سگهجن ٿا، مسجدن، بازارن، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ٽرين ۾ ماسڪ پائڻ لازمي هوندو.
قومي سلامتي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته هيل تائين 33 هزار پاڪستانين کي 55 مختلف ملڪن مان واپس آڻي چڪا آهيون، هر ڏينهن هڪ هزار مسافرن کي واپس آندو پيو وڃي، ايندڙ 20 ڏينهن ۾ 20 هزار پاڪستانين کي واپس آڻينداسين، سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ جلد نيون پاليسيون آڻبيون.
هن چيو ته زميني سرحدون ان ئي ريت آپريٽ ڪري رهيون آهن، جيئن اڳ ڪري رهيون هيون، ڀارت مان 180 پاڪستانين کي ڏيهه آندو آهي، جڏهن ته افغانستان جي درخواست تي بنيادي ضروري شين جي واپار جي اجازت ڏني، افغان حڪومت جي ئي درخواست تي طورخم ۽ چمن کان ٽرڪون وڃي رهيون آهن، ان دوران پاڪستان مان افغان شهري به واپس وڃي چڪا آهن.
The post وفاقي حڪومت عوامي هنڌن تي ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment