بلوچستان ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي وارثن کي شهيد پيڪيج ڏيڻ جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 30, 2020

بلوچستان ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي وارثن کي شهيد پيڪيج ڏيڻ جو اعلان


ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت فرضن جي ادائگي دوران ڪورونا سبب فوت ٿيل سرڪاري ملازمن کي شهيدن جي ڪيٽيگري ۾ شامل ڪري وارثن کي شهيد پيڪيج ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بلوچستان حڪومت طرفان اهو فيصلو وڏي وزير ڄام ڪمال جي صدارت هيٺ ڪورونا وائرس بابت معاملن جي حوالي سان جائزي واري اجلاس ۾ ڪيو ويو.

اجلاس ۾ شيخ زيد ۽ فاطمه جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن، طبي عملي ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ مالي مراعتن جو اعلان ڪيو ويو جڏهن ته ڊيوٽي جي نوعيت موجب ڊاڪٽرن، پيرا ميڊڪس، عملي ۽ اهلڪارن کي ماهوار هڪ کان ٽئي بنيادي پگھارون ڏنيون وينديون.

اجلاس ۾ چيو ويو ته طبي عملي ۽ اهلڪارن کي واڌو بنيادي پگھارن جي ادائگي پهرين مارچ 2020ع کان لاڳو ٿيندي.

هوڏانهنن اجلاس ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ احتياتي اپائن تي عمل نه ڪرڻ سبب وائرس پکڙجڻ ۾ واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اسپتالن ۾ سمارٽ او پي ڊي جي شروعات جي حوالي سان قدمن جي هدايت ڪئي وئي.

اجلاس ۾ چيو ويو ته خانگي اسپتالن ۽ رجسٽرڊ ڪلينڪس ۾ او پي ڊي ۽ علاج تي پابندي نه آهي پر او پي ڊي ۽ علاج دوران حفاظتي اپائن جي ايس او پي تي عمل ڪرڻ لازمي هوندو.

وڏي وزير ڄام ڪمال سڄي صوبي جي ڪمنشنرز ۽ ڊي سيز کي مليريا ڪنٽرول اسپري جي شروعات جي هدايت به ڪئي.

The post بلوچستان ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل سرڪاري ملازمن جي وارثن کي شهيد پيڪيج ڏيڻ جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages