

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جو چيف سيڪٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز ۽ سندس پٽ افضال ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي.
چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ کان پوءِ پاڻ آئسوليشن ۾ هليو ويو هو.
هوڏانهن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمد خان هڪ بيان ۾ ڪاظم نياز جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي.
هن پنهنجي پيغام ۾ ڪورونا وائرس جي پکڙجڻ کي روڪڻ ۾ ڊاڪٽر ڪاظم ۽ ٻين اختيارين جي خدمتن تي کين ڀيٽا پيش ڪئي.
The post خيبرپختونخواهه جو چيف سيڪريٽري به ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment