”ڪورنا وائرس: عوام احتياط نه ڪيو ته وڏو سانحو جنم وٺي سگهي ٿو“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, May 25, 2020

”ڪورنا وائرس: عوام احتياط نه ڪيو ته وڏو سانحو جنم وٺي سگهي ٿو“


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسان احتياطي تدبيرون اختيار نه ڪيون ۽ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ته وڏو سانحو جنم وٺي سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ صحت واري خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا ميڊيا بريفنگ ڏيندي چيو ته عيد تي لاڪ ڊائون ۾ نرمي ڪئي وئي جنهن کان پوءِ ماڻهن بي احتياطي ڪئي، بازارن ۾ وڃجي ٿو ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪورونا وائرس نالي ڪا به شئي ناهي، بيماري ختم ناهي ٿي پر وڌي رهي آهي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته شهري شايد اِهو سمجهي رهيا آهن ته بيماري عيد تائين هئي ۽ عيد کان پوءِ ختم ٿي ويندي ته اِها وڏي غلط فهمي آهي، احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪيو ويو ته وهي وبا وڏي سانحي ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسان غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ته بيماري پکڙجندي ۽ لاڪ ڊائون به ڪرڻو پوندو.

ظفر مرزا وڌيڪ چيو ته عوام کي چوان ٿو ته بيماري کي روڪڻ جو سبب بڻجن، بيماري پکيڙڻ جو نه، عيد کان پوءِ حڪومت صورتحال جو ٻيهر جائزو وٺندي، صورتحال اِها ئي رهي ته حڪومت لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي فيصلي تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي.

The post ”ڪورنا وائرس: عوام احتياط نه ڪيو ته وڏو سانحو جنم وٺي سگهي ٿو“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages