

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عطا الله تارڙ به ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عطا الله تارڙ چيو ته منهنجي ڪورونا وائرس واري ٽيسٽ مثبت اچي وئي آهي ان ڪري آئون انهن سمورن ماڻهن کان به ٽيسٽ ڪرائڻ ۽ احتياط جي درخواست ڪيان ٿو جن گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ مون سان ملاقات ڪئي هئي.
ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ بلوچستان جو ناڻي وارو وزير ظهور بليدي ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي آئسوليشن ۾ هليو ويو هو.
The post مسلم ليگ ن جو اهم اڳواڻ ڪورونا وائرس ۾ وٺجي ويو…! appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment