سماجي وٿيءَ بابت گوگل جو نئون ٽول متعارف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 30, 2020

سماجي وٿيءَ بابت گوگل جو نئون ٽول متعارف


google social distancing tool

ڪورونا وائرس جي وبا کي نظر ۾ رکندي هاڻ هر ڪو سماجي وٿي اختيار ڪرڻ جي ڪوشس ڪري رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ گوگل به هڪ نئون ٽول متعارف ڪرايو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب گوگل سماجي وٿي  بابت اي آر  (آگمينٽڊ ريالٽي) ٽول متعارف ڪرايو آهي جنهن جو نالو “سوڊر” آهي.

گوگل طرفان اهو ٽول اڃا تجرباتي مراحلن ۾ آهي جنهن جو مقصد سماجي وٿي مقرر ڪرڻ آهي، ان ٽول جي مدد سان واهپيدار پنهنجي موبائل فون جي پٺيان موجود ڪيمرا کي کوليندا ته اهو ٽول سندن اسڪرين تي 2 ميٽرن جي مفاصلي جي حوالي سان ٻڌائيندو.

گوگل اهو ٽول في الحال اينڊرائيڊ واهپيدار ئي استعمال ڪري سگھن ٿا جنهن کي واهپيدار هيٺ ڏنل لنڪ جي ويب سائيٽ تي ڪلڪ ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو.

sodar.withgoogle.com 

The post سماجي وٿيءَ بابت گوگل جو نئون ٽول متعارف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages