ڪورونا  ويڪسين آڪٽوبر تائين تيار ڪرڻ جي  دعويٰ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, May 30, 2020

ڪورونا  ويڪسين آڪٽوبر تائين تيار ڪرڻ جي  دعويٰ


corona vaccine

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي دوا ساز ڪمپني چيو آهي ته وائرس جي ويڪسين هن سال آڪٽوبر جي آخر تائين تيار ٿي ويندي.

آمريڪي دوا ساز ڪمپني فائرز جي سي اي او البرٽ بورلا چيو آهي ته جيڪڏهن حالتون ٺيڪ رهيون ۽ ويڪسين جي افاديت ثابت ٿي ته آڪٽوبر تائين ويڪسين سامهون آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

فائرز هڪ جرمن ڪمپني جي ڀائيواري سان يورپ ۽ آمريڪا ۾ ويڪسين تيار ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪري رهي آهي.

آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڀائيواري سان تحقيق ڪندڙ هڪ ڪمپني به سال جي آخر تائين ويڪسين تيار ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ويڪسين ٺاهڻ کان پوءِ وڏي انگ ۾ ڊوز تيار ڪرڻ به هڪ چيلينج هوندو.

The post ڪورونا  ويڪسين آڪٽوبر تائين تيار ڪرڻ جي  دعويٰ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages