مريم نواز ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ جي محنت کي پنهنجي ڪُٽنب سان نه ڳنڍي: شبلي فراز - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, May 28, 2020

مريم نواز ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ جي محنت کي پنهنجي ڪُٽنب سان نه ڳنڍي: شبلي فراز


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مريم نواز پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائيندڙ هڪ نسل جي محنت ۽ ڪوششن کي هر شئي جيان پنهنجي خاندان نه ڳنڍي.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ شبلي فراز چيو ته مريم نواز جي قيادت ۾ مٽيءَ سان وفا نه پر پئسي سان رهي، انهن وفائن جون تصويرون ايون فيلڊ ۽ ٻين ملڪيتن جي صورت ۾ نظر اينديون آهن.

هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستان کي اسلامي دنيا جي واحد ايٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، اسان جي ايٽمي قوت پاڪستان ۽ ان جي عوام جي تحفظ ۽ سلامتي جي ضامن آهي.

The post مريم نواز ملڪ کي ايٽمي قوت بڻائڻ جي محنت کي پنهنجي ڪُٽنب سان نه ڳنڍي: شبلي فراز appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages