

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان پي آءِ اي جهاز حادثي جي انڪوائري رپورٽ بابت عوام کي باخبر رکڻ جون هدايتون جاري ڪندي متاثرن کي خاطري ڪرائي آهي ته انصاف جو سمورا تقاضا پورا ڪيا ويندا.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ پي آءِ اي جهاز حادثي تي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير غلام سرور خان، قومي ايئر لائنز جي سي اي او ارشد ملڪ، سول ايوي ايشن ۽ پي آءِ اي جون اعليٰ اختياريون شريڪ ٿيون.
اجلاس دوران پي آءِ اي ۽ سول ايوي ايشن اختيارين وزيراعظم کي جهاز حادثي جي شروعاتي جاچ تي بريفنگ ڏني ۽ متاثرن کي سهولتن بابت آگاهه ڪيو.
عمران خان حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته عيد جي موقعي تي اهڙو حادثو قوم لاءِ وڏو سانحو هو، متاثر خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، انساني جانين جو ڪو متبادل ناهي.
هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته حادثي جي شفاف انڪوائري ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي ۽ واقعي سان جڙيل حقيقتن کي هر صورت ۾ منظر تي آندو وڃي.
وزيراعظم حادثي جي انڪوائري رپورٽ بابت عوام کي باخبر رکڻ جي هدايت ڪندي چيو متاثرن کي خاطري ڪرايان ٿو ته انصاف جا سمورا تقاضا پورا ڪيا ويندا.
عمران خان وڌيڪ هدايتون ڏيندي چيو ته ماضي ۾ پيش ايندڙ حادثن جون رپورٽون به سامهون آنديون وڃن، متاثرن خاندانن کي سهولتون ۽ معاوضو يقيني بڻايو وڃي.
The post جهاز حادثي جي انڪوائري رپورٽ بابت عوام کي آگاهه رکيو وڃي: وزيراعظم appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment